شڪسته زندگي - ڀاڱو ٻيو

شڪسته زندگي - ڀاڱو ٻيو

شڪسته زندگي ڀاڱو ٻيو

شڪسته زندگي - ڀاڱو ٻيو (ڪتاب): هيءُڪتاب نامور ليکڪه بادام ناتوان جي مضمونن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾
ڪل ڏهه مضمون شامل آهن. جن ۾: (1) لولا لنگڙا: انڌا منڊا، (2) مرد، (3) والدين ۽ اولاد جون هڪ ٻئي ڏانهن جوابداريون، (4) اڄڪلهه جي تعليم، (5) اڄڪلهه جي فضا، (6) گنهگار ڪير، (7) خود ضابطگي، (8) هڪ حقيقت، (9) خوني، (10) نقطه نگاهه شامل آهن.
هن ڪتاب جو تعارف پبلشر سيد حسن بخش شاهه لکيو آهي. ليکڪه ‘حال دل’ جي سري سان پنهنجي پاران لکيو آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ڀل نامو پڻ شامل آهي. 209 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز هن ڪتاب کي بشير احمد ائنڊ سنس، اولڊ مارڪيٽ ڪراچيءَ مان 1950ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 2 روپيا هڪ آنا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو